سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل

سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل

سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل

سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل): سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو تحقيقي جرنل ”سنڌي ٻولي“ هن وقت جديد تحقيقي اصولن تحت شايع ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي HJRS سرشتي تحت Y درجي بنديءَ ۾ منظور ٿيل جرنل آهي. ان کان اڳ Z درجي بنديءَ ۾ شامل هو. هن وقت جرنل جو ايڊيٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجو ۽ جوائنٽ ايڊيٽر ڊاڪٽر احسان دانش آهن، جڏهن ته سب ايڊيٽر طور شوڪت چاچڙ هن شعبي جو ڪم سنڀالي ٿو. 1994ع کان شايع ٿيندڙ هي تحقيقي جرنل هن اداري جي سڃاڻپ بڻيل آهي. اداري جي قيام کان ترت پوءِ يعني 1992 ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ ’سنڌي ٻولي‘ نالي سان خبرنامو جاري ٿيندو هو، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ان جي درست استعمال لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ سرگرمين جون رپورٽون شايع ٿينديون هيون. ان خبرنامي’سنڌي ٻولي‘ کي 1994ع ۾ ٽه ماهي تحقيقي جرنل جو درجو ڏيئي، ٻوليءَ بابت مختلف عالمن ۽ ليکڪن جا مضمون شايع ڪيا ويا. 1995-1996ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش قاضي جي سربراهي واري دؤر ۾ ان جرنل جو سالنامو شايع ٿيو هو. ان بعد ڪجهه عرصو ان رسالي جي اشاعت بند رهي، ٻيھر 1997 ۾ محترم حميد سنڌي اداري جو سربراهه مقرر ٿيو ۽ محترم تاج جويو سيڪريٽري هو، ان وقت ’سنڌي ٻولي‘ جرنل جو هڪ خاص نمبر ’مرزا قليچ بيگ‘ جي سري هيٺ شايع ٿيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي دور ۾ به هن جرنل جا ڪجهه پرچا شايع ٿيا. ڪجهه سالن جي وٿيءَ کانپوءِ ڊاڪٽر فھميده حسين، هن تحقيقي جرنل جي اشاعت کي 2008 کان 2015 تائين مسلسل جاري رکيو، ان کانپوءِ 2016 ۾ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ هن جرنل کي HEC جي پاليسي تحت ڇپائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ الڳ شعبو قائم ڪري شوڪت چاچڙ کي ذميواريون سونپيون، ان عرصي ۾ 5 شمارا شايع ٿيا. بعد ۾ هڪ پرچو اڪبر لغاريءَ جي ادارت ۾ ڇپيو. جنھن کانپوءِ ٽي شمارا شبنم گل ۽ ٽي شمارا ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي ادارت ۾ ڇپيا. هن وقت موجوده چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي ادارت هيٺ، پاليسيءَ ۾ سڌارن۽ جديد تحقيقي طريقن تحت نئين رنگ ڍنگ سان جرنل جي اشاعت جاري آهي. ”سنڌي ٻولي“ جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي عالم شامل آهن ۽ هر مقالي کي، باقاعده ٻن الڳ الڳ ماهرن جي مخفي راءِ ۽ منظوريءَ بعد شايع ڪيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي اوارڊ پاليسي لاڳو ٿيڻ بعد هن جرنل ۾ شايع ٿيل ڪيترن مقالن کي ’سنڌي ٻولي‘ اوارڊ پڻ مليا آهن. هن جرنل ۾ سنڌي ٻولي، لسانيات، سنڌي گرامر، سنڌو لکت جي موضوعن تي مقالا پھرين ترجيح سان شايع ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ نئين ادبي تحقيق جا مقالا پڻ شامل ڪيا وڃن ٿا. هن جرنل جي پاليسي ۽ اڳ شايع ٿيل شمارا، ويبسائيٽ journal.sindhila.org تي پڙهي ۽ ڊائونلوڊ پڻ ڪري سگهجن ٿا.


لفظ سنڌي ٻولي تحقيقي جرنلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو